'عبدالمجيد سنڌي' جون تصويرون
 عبدالمجيد سنڌي جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو:

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو: هي ڪتبخانو ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو لاڙڪاڻي ۾ ذاتي ڪتبخانو آهي. هن ڪتبخاني ۾ پندرهن هزار کن ڪتاب موجود آهن، جن ۾ قديم ڇاپي ڪتاب، قلمي نسخا، ناياب ڪتاب ۽ ڪيترن ئي ناياب ڪتابن جا فوٽو اسٽيٽ، ناياب ڪتابچا، رسالا ۽ پمفليٽ شامل آهن. سال 1949ع کان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجي.....


سنڌ جو سنڌي ساهتيه

سنڌ جو سنڌي ساهتيه (ڪتاب): 28 مارچ 2009ع تي ’سنڌ جي سنڌي ساهتيه‘ بابت ساهتيه اڪيڊمي، نئين دهليءَ پاران، ممبئيءَ ۾ هڪ سمپوزيم ڪرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ ۾ سرجيل ادب (ڪهاڻي، ناول، سفرنامي ۽ شاعري) بابت هند جي سنڌي اديبن مقالا پيش ڪيا، جن کي نامديو تارا چنداڻيءَ ترتيب ڏئي، ڪتابي صورت ڏني. هن سمپوزيم جي شروع.....


سنڌو نگر جا سنڌي

سنڌو نگر جا سنڌي (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪ ۽ شاعر ارجن ’سڪايل‘ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن مهاراشتر رياست جي سنڌي وسندي ’سنڌو نگر‘ (الهاس نگر) جي تاريخ ۽ ترقيءَ سان گڏ سنڌو نگر ۾ سنڌيت جي هلچل بيان ڪرڻ کانپوءِ ’ياد رفتگان‘ عنوان هيٺ سنڌو نگر جي شاعرن، ڀڳتن، فنڪارن، اديبن، شاعرن، واپارين، سم.....


سنڌي آرٽسڪ فورم

سنڌي آرٽسڪ فورم: هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو 1979ع ۾ اسرار شام بنياد رکيو، جنهن جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار به اسرار شام هو. هن منڊليءَ پاران ڪيترائي ناٽڪ پيش ڪيا ويا، جن مان ’عام اطلاع‘ مشهور ناٽڪ هو، جنهن ۾ شهناز، شهباز خان، عاشق انصاري، الطاف سومري، لياقت شيخ، زاهد مرزا ۽ مقبول ميمڻ، اداڪاريءَ جا جوهر ڏ.....


سنڌي ادب1

سنڌي ادب1 (ڪتاب): هي ڪتاب پير حسام الدين شاهه راشديءَ، 1952ع ڌاري اردو زبان ۾ لکيو. هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’سنڌي ادب‘ جي عنوان سان ئي 1981ع ڌاري غلام محمد لاکي ڪيو. پير حسام الدين راشديءَ هن ڪتاب کي اردوءَ ۾ ان ڪري تحرير ڪيو، جو هندستان مان آيل مسلمان پڻ سنڌي ادب متعلق مناسب ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. هي.....


سنڌي ادب2

سنڌي ادب2 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري اديب يوسف سنڌيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ ليکڪ، 100 سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي تخليقي ڪم جو جائزو پيش ڪيو آهي. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي ٻن نياڻين، چئن پٽن ۽ گهر واريءَ جي نالي ڪئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ هند جي به ڪجهه سنڌي اديبن جا خاڪ.....


سنڌي ادب تي هڪ نظر

سنڌي ادب تي هڪ نظر (ڪتاب): هي مختيار احمد ملاح جو ڪتاب، پي. سي. ايس، سي. ايس. ايس، ايم. اي سنڌيءَ جي امتحانن ۽ انٽرويو لاءِ تيار ڪيل آهي. هن ڪتاب کي هيٺين بابن ۾ ورهائي پيش ڪيو ويو آهي: (1) سنڌي زبان جي تاريخ: هن باب ۾ سنڌي زبان جي شروعات ۽ صورتخطيءَ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف عالمن جا نظريا ۽ س.....


سنڌي ادب جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو

سنڌي ادب جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو (ڪتاب): سنڌي ادب جي تاريخ کان ويندي دور جديد تائين تحقيقي انداز ۾ لکيل هيءُ ڪتاب طارق عزيز شيخ جو آهي. چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾ سنڌيءَ جو مضمون کڻندڙ شاگرن لاءِ هن ڪتاب ۾ خاص طور تي لاڀائتو مواد شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي، ادب، نثر، شاعري، لوڪ ادب، لوڪ شاعري، ن.....


سنڌي ادب جي تاريخ 1

سنڌي ادب جي تاريخ 1 (ڪتاب): هي ڪتاب ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ اصل ۾ لعل سنگهه هزاري سنگهه اجواڻيءَ جي انگريزيءَ ۾ History of Sindhi Literature جي نالي سان لکيل تاريخ جو سنڌي ترجمـو آهي، جيڪو ناليواري ليکـڪ ۽ نقاد هـيـري شيوڪاڻيءَ ڪيو آهـي. هـن ادبـي تـاريـخ ۾ سـنڌ ۽ سـنڌي، سـنـڌي ٻـولـيءَ جـي اصـل نسل، سن.....


سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ

سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ (ڪتاب): هي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي، سنڌي ادب جي تاريخ بابت، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب آهي. هي ڪتاب ڇهن بابن تي مشتمل آهي. باب پهريون: سنڌي ادب، قديم کان جديد دور تائين، باب ٻيو: سنڌي ادب ۽ تنقيدي شعور، باب ٽيون: ادبي صنفون ۽ ڳڻ ڳوت، باب چوٿون: سنڌي اسلوب ۽ اسلوب نگار، باب پن.....


سنڌي ادب جي تاريخ2

سنڌي ادب جي تاريخ2 (ڪتاب): هي ٽن جلدن ۾ ڇپيل سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌ جي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ عالم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي تصنيف آهي. هن کان اڳ جوڻيجي صاحب 1973ع ۾ ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘ ڪتاب لکيو هو، جنهن جا چئن کان وڌيڪ ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. بعد ۾ هن سنڌي ادب جي تاريخ ٽن جلدن ۾ تفصيلي لکي س.....


 پوئتي   7   8   9   10  11  12   13   14   15   اڳتي